شيخ محمد عابد سنڌي، هڪ ماهر
طبيب
(تحقيقي مقالو)
ابو عبد الله محمد طاهر عبد
القيوم سنڌي
تاريخ جا پنا اُٿلائڻ مان خبر پوي
ٿي ته، جنهن دؤر ۾ دنيا جهالت جي گهپ انڌيرن ۾ ٻڏل هئي تڏهن اسلامي علوم جي ترقي،
علم ۽ عالمن جي مراڪز جي اعتبار سان دنيا ۾ سنڌ ڌرتي گهڻي مشهور ۽ زرخيز رهي آهي.
انهن ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت آهي:
شيخ محمد عابد سنڌي رحمہ الله
اسان هن ئي پياري رسالي (ماهوار الفاروق سنڌي) جي گذريل
شماري ۾ شيخ محمد عابد سنڌي رحمه الله جن جي شخصيت جو مڪمل طور تي تعارف ڪرائي چڪا
آهيون، هن موضوع ۾ سندن طبي مهارت تي تفصيل سان روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندا سون ان
شاءَ الله.
لڳي ٿو ته حڪمت ۽ طب جو هنر شيخ محمد عابد سنڌي کي پنهنجن
وڏڙن کان وراثت ۾ مليو آهي، جو سندن والد شيخ احمد
علي به وڏو حڪيم هو ۽ پنهنجي چاچي کي ته پاڻ (عالم
الاديان و الابدان) جهڙن لقبن سان نوازي ٿو. سندس ئي
اسانيد جي مشهور ڪتاب (حصر الشارد) ۾ فرمائي ٿو:
الله تعالى پنهنجي فضل سان مون تي احسان ڪيو، جو مون قرآن
مجيد فاتحة کان والناس تائين قراءات جي مشهور ستن امامن جي قراءتن سان، سندن جي 14
هن ئي راوين جي مشهور طريقن سان، ساڻ قراءات جي معروف منظوم (شاطبية) جي بار بار
پڙهڻ جي سعادت پنهنجي شيخ، علامة، فهامة، وقت جي سُونهن، جنهن جي پيروي ڪرڻ گهرجي،
علم اديان ۽ علم ابدان جي ماهر، عقلي ۽ نقلي علمن جي جامع، انهن جي خوبصورت وضاحت
ڪندي پنهنجي چاچي (جيڪو منهنجي بابي جي مثل آهي) شيخ محمد حسين بن محمد مراد
انصاري خزرجي ايوبي نسبا، سنڌي بلدا، نقشبندي طريقة، حنفي مذهبا کان حاصل ڪئي[1].
سندن والد شيخ احمد علي ۽ سندن چاچي شيخ محمد حسين انصاريءَ
متعلق يمن جو عالم شيخ ابراهيم حوثي، شيخ محمد عابد جي ڪتاب (منحة الباري) تي
تقريظ لکندي فرمائي ٿو ته: سندس چاچو ۽ والد علم طب سان واسطو رکيو ۽ مريضن جو
علاج ڪندا هئا جنهن جي ڪري ٻنهي جي شهرت تمام گهڻي وڌي وئي ۽ پري پري کان علم
اديان ۽ علم ابدان جا متلاشي سندن اڱڻ تي ڪهي ايندا هئا.
وڌيڪ لکي ٿو: هر فن ۾ مشهور ٿيو پر خاص ڪري علم حديث ۽ طب
۾، سندس علاج معالجي جي مهارت تي وڏي واکاڻ ڪئي وئي آهي[2].
سندس استاد علامة شوڪاني رحمه الله فرمائن ٿا: سندس چاچو
علم طب وغيره ۾ مشهور هو، پر صاحب ترجمة (يعني شيخ محمد عابد سنڌي خود) جي ته علم
طب ۾ وڏي مهارت مڃيل آهي. علم طب ۾ مهارت ۽ شهرت جي ڪري وقت جي بادشاه، اسان جي
امام، المنصور بالله کيس يمن حديده شهر مان پنهنجي بارگاھ ۾ گهرايو، جنهن ڪري سندس
بارگاھ ۾ پهچي ويو ۽ گهڻي مخلوق سندس دوائن مان فائدو حاصل ڪندي رهي، هو 1213ھ ۾
صنعاء پهتو هو ۽ مون وٽ ڪتاب (هداية الابهري) ۽ علم حڪمت الاهية ۾ ان جي شرح ميبدي
پڙهيائين ۽ (انهن ڪتابن جي) انتهائي ڏکيا هئڻ جي جلدي سمجهي ويندو هو، حالانڪه
مشهور عالم ۽ عارف مون وٽ اچي اهي ڪتاب پڙهندا هئا پر سمجهي ڪونه سگهندا هئا[3].
علامه غلام مصطفى قاسمي (ت 2003ع، ڊائريڪٽر شاه ولي الله
اڪيڊمي حيدرآباد) فرمائن ٿا ته:
شيخ محمد عابد عابد سنڌي پهريون عالم آهي جنهن يمن ۾ طب جو
ڪتاب تحفة المؤمنين آندو ۽ فرمائيندو هو ته اهو هن علم ۾ نهايت متين ۽ عمدو ڪتاب
آهي، جنهن جهڙو هن فن ۾ ٻيو ڪو به ڪتاب نه آهي ۽ اسان کي ٻڌايائين ته هن ڪتاب جي مؤلف
ان کي فارسي ۾ لکيو هو، ڪيترن سالن کان پوءِ اهو عربي ۾ ٿيو، هن مفردات ۽ مرڪبات ۾
خاص التزام ڪيو آهي تجربي ۾ اڳين حڪيمن جي تقليد ۽ پوئلڳي نه ڪئي اٿس، پر جنهن
نسخي کي پاڻ آزمايو اٿس ان کي (مجرب) لکي ٿو ۽ جيڪو آزمايل نه اٿس ان لاءِ لکي ٿو
ته: هن کي اڳين حڪيمن آزمايو آهي. يا انهن مجرب سڏيو آهي يا ان جهڙي ٻي عبارت
لکندو آهي[4].
علامة لکنوي فرمائي ٿو: شيخ رحمه
الله گهڻو ڪري (يمن جي مشهور شهر) زبيد ۾ رهيو، ايتري تائين کيس ان شهر جو مستقل
رهواسي سڏيو ويو، ان کان پوءِ يمن جي شهر صنعاء ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ اتي جو ئي ٿي
ويو، ۽ اتي جي بادشاھ جو ڪافي عرصي تائين خاص طبيب جي حيثيت ۾ رهيو[5].
حڪمت ۽ طبابت ۾ شيخ رحمه الله کي اها ايڏي وڏي شهرت ان وقت
ملي وئي هئي جڏهن پاڻ اڃان 23 سالن جو نوجوان مس هو.
سندس حڪمت جي فن ۾ اسان تائين صرف ٻن ڪتابن جو احوال پهتو
آهي، جنهن مان هڪ سندس ذاتي تصنيف آهي ۽ ٻي هڪ حڪمت جي فارسي ڪتاب جو عربيءَ ڏانهن
سندس ترجمو آهي، ان مان معلوم ٿيو ته پاڻ سنڌي ۽ عربي ٻوليءَ سان گڏ فارسي ٻولي ۾
به وڏي مهارت رکي پيو، جو فارسي ڪتاب جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اوهان کي خبر
هوندي ته ڪنهن مترجم لاءِ انهن ٻولين ۾ ڪيڏي مهارت جي ضرورت هوندي آهي جنهن مان،
يا جنهن ڏي ترجمو ڪري رهيو آهي.
علم طب ۾ سندس جيڪا واحد ذاتي تصنيف سامهون آئي آهي تنهن جو
نالو آهي:
فڪ المحنة بمعالجة الحقنة
علماء ڪرام جو فن فتوى ۾ اصول آهي ته زمان ۽ مڪان جي اختلاف
سان فتوى ۾ اختلاف ايندو آهي، مطلب ته جڏهن به امت کي نون مسئلن جو چئلنج ٿيو آهي،
تڏهن عالمن سڳورن ملي، گڏجي انهن مسئلن جو حل، استنباط ذريعي شريعت مطهرة مان ڪڍيو
آهي.
معلوم ٿئي ٿو ته شيخ محمد عابد سنڌي رحمه الله جن جي دور ۾
انجيڪشن جي ذريعي علاج اڃان نئون ظاهر ٿيو هو، جنهن ۾ مخلوق کي ڪو مونجهارو هو،
مخلوق مونجهاري ۾ هجي ۽ شيخ محمد عابد جهڙي شخصيت ان مسئلي تي قلم نه کڻي ائين ٿي
نه ٿو سگهي، تنهن ڪري پاڻ انجيڪشن جي ذريعي علاج ڪرڻ جي مسئلي تي قلم کڻي ڊاڪٽري
جي اهڙي عظيم تصنيف سان امت کي ان مونجهاري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين. ٻيو سبب پاڻ
هن رسالي جي منڍ ۾ ڄاڻايو اٿس ته: اڄ ڪلھ جيڪو بيمار ٿئي ٿو ته کيس فورا انجيڪشن
جي صلاح ڏني وڃي ٿي، جيڪا يقينا هڪ بهترين علاج آهي، پر ان جا وڌيڪ فائدا ۽ طريقا
بيان ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب لکيو اٿم[7].
علامة محمد عابد هن ڪتاب ۾ جن مسئلن تي لکيو آهي تن مان ڪجھ
هي آهن:
v
انجيڪشن ذريعي علاج جا فائدا.
v
انجيڪشن لڳائڻ جا طريقا.
v
انجيڪشن جي هسٽري.
v
ان جي شروعات ابقراط کان ٿي آهي.
v
انجيڪشن جي هيئت، شڪل ۽ ان جي استعمال جا طريقا.
v
انجيڪشن لڳائڻ جا طريقا، جنهن جي معلومات هر ڊاڪٽر لاءِ ضروري آهي، هر بيماري
لاءِ مختلف جاين تي انجيڪشن لڳائي ويندي آهي، ڪنهن کي ٻانهن ۾ ته ڪنهن کي دن وغيره
۾.
v
دوا جو مقدار ڪيترو هئڻ گهرجي؟ گهٽ ۾ گهٽ؟ وڌ ۾ وڌ؟.
v
انجيڪشن لڳائڻ کان اڳ جون احتياطي تدابير اختيار ڪرڻ.
v
انجيڪشنن جا قسم: ڪا انجيڪشن نرم ٿئي ٿي ته ڪا سخت.
v
طبي لفظن جي ڊيفينيشن، مختلف ٻوٽن جا نالا ۽ استعمال، مثال طور: گلنار يا
بنفشه وغيره، مشهور خميري (گاؤ زبان) کي لسان البقر جي نالي سان ياد ڪري ٿو.
مٿين سڀني ڳالهين مان علم طب ۾
سندس ڪامل مهارت جي جهلڪ ملي ٿي.
پاڻ هي ڪتاب يمن جي شهر صنعاء ۾ جماد الثاني سن 1238ھ ۾
لکيو اٿن، ڪتاب 14 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هر
صفحي تي 37 سٽون آهن.
اڄ ڪلھ هي ڪتاب مڪتبة ملڪ عبد العزيز مدينة منورة جي ڪتب
خانه (ساقزلي) ۾ 959 جي نمبر تحت موجود آهي. اصل مخطوط شيخ محمد عابد سنڌي رحمه
الله جي پنهنجن هٿ اکرن سان آهي جيڪو راقم الحروف وٽ الحمد لله موجود آهي، جيڪو
راقم الحروف علامة السند، فقيه العصر جناب مفتي ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو (قاسمية
لائبريري ڪنڊيارو) جن وٽان حاصل ڪيو ولله الحمد لله.
مخطوط جي شروعات هن ريت آهي: (بسم الله الرحمن الرحيم،
الحمد لله .... فيقول اضعف عباد الله ... محمد عابد بن احمد علي السندي: انه لما
ڪان من فنون المعالجة التداوي بالحقنة...). آخر هن طرح آهي: (وليڪن هذا آخر ڪلامنا
في هذه الرسالة ...).
هي رسالو الحمد لله اسان جي پياري دوست مولانا احسن احمد
عبد الشڪور جي تحقيق سان تازو 2015ع ۾ مڪتبة نظام يعقوبي، بحرين مان عربيءَ ۾ ڇپجي
اچي چڪو آهي.
سندن ٻيو علمي ڪم، حڪمت جي هڪ فارسي ڪتاب جو عربيءَ ڏانهن
ترجمو ڪرڻ آهي، جنهن جو نالو آهي:
نافع الخلق في الطب
رسالي جي تاريخ نسخ 5 رمضان شريف سن 1217ھ آهي، هي رسالو
پنهنجي دوست شيخ ابراهيم الحوثي جي گذارش تي عربيءَ ۾ ترجمو ڪري کيس ڏنائون جنهن
جو ناسخ به شيخ ابراهيم حوثي پاڻ آهي. رسالو 34 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هر صفحي ۾ 26
سٽون آهن.
سندن شاگرد شيخ لطف الله جحاف لکي ٿو ته: يمن ۾ پهريون ڀيرو
حڪمت جو مشهور ڪتاب (تحفة المؤمنين) اسان لاءِ شيخ محمد عابد سنڌي کڻي آيو[9]. اصل ۾ اهو ضخيم ڪتاب اهل تشيع جي مشهور حڪيم محمد مؤمن بن
محمد زمان حسيني (1110ھ) جو آهي، جيڪو هن سليمان شاھ صفويءَ لاءِ لکيو هو، ساڳي
ڳالھ علامة زرڪلي پڻ پنهنجي ڪتاب (الاعلام) ۾ به ڪئي آهي[10].
مٿين ڳالهين مان معلوم ٿيو ته شيخ محمد عابد سنڌي علم طب ۾
نه فقط مڪمل مهارت رکندو هو، بلڪه هڪ ماهر جراح پڻ هو جنهن کي يمن جي بادشاهن
پنهنجو فيملي ڊاڪٽر ڪري ڇڏيو هو.
۽ نه فقط ايترو! بلڪه پاڻ نه فقط علم طب ۾ ڪتاب لکيائون
بلڪه ٻين ٻولين مان به حڪمت جي ڪتابن کي عربستان جي عالمن جي مطالبي تحت عربي
ٻوليءَ ۾ترجما ڪيائون. حڪمت ۽ طب جا قيمتي ڪتاب ٻاهران کان عربن لاءِ آڻيندا رهيا.
حوالا ۽ حاشيا