شيخ محمد عابد
سنڌي جي علوم قرآن ۾ مهارت
ابو عبد الله محمد طاهر عبد
القيوم سنڌي
قرآن مجيد الله پاڪ جو مقدس ڪلام آهي، جيڪو هن انسان ذات جي هدايت لاءِ رب
ڪائنات طرفان آخري ڪتاب طور پنهنجي آخري رسول حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿيو.
قرآن پاڪ کي صحيح پڙهڻ اسان تي لازمي آهي ته جيئن ان جي قراءت جا حق ادا ٿيندا
رهن، ان جي صحيح طرح ادائگي لاءِ علم تجويد ۽ علم قراءات جو وجود ٿيو، جيڪو سکڻ
سان قرآن مجيد جي حرف حرف جو صحيح تلفظ انسان کي اچيو وڃي ۽ ان کي غلط پڙهڻ جي ڪري
گنهگار ٿيڻ کان بچڻ به ممڪن ٿيو پوي.
ان سان گڏو گڏ علم تفسير به آهي جنهن کي سمجهي قرآن پاڪ جي احڪامن سمجهڻ جي
سگھ عطا ٿئي ٿي.
علم تجويد، علم قراءات ۽ تفسير تي جتي ساري دنيا جي علماء ڪرام ڪم ڪيو آهي اتي
سونهاري سنڌ سڳوري جي عالمن جون خدمتون به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ويجهي ماضي ۾ مخدوم
محمد هاشم ٺٺوي رح اهڙو نالو گذريو آهي جيڪو سنڌ جو تمام وڏو قاري هو، هن کي جتي
علم تجويد تي دسترس هئي اتي علم قراءات ۾ پڻ سندس اعلى مقام ساري سنڌ کي چار چنڊ
لڳائي ڇڏيا، سندس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ شاگردن جو ڄار وڇائجي ويو.
مخدوم محمد هاشم ٺٺوي رح جي چند عظيم شاگردن مان جن دنيا ۾ وڏي شهري ماڻي ۽
دين اسلام جي خدمت ڪئي، تن مان شيخ الاسلام شيخ محمد مراد انصاري رح به آهن.
اسان جو هي موضوع شيخ الاسلام محمد مراد انصاري رح جي پوٽي الامام شيخ محمد
عابد سنڌي رح جن جي متعلق آهي، جنهن فقه، حديث، صرف، نحو، تفسير، قراءات، طب وغيره
۾ عظيم خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، پر هن وقت تائين سندس شهرت فقه ۽ حديث جي امام
طور ته تمام گهڻي ٿي آهي پر سندس زندگي جي هن پهلو تي تمام گهٽ محققن لکيو آهي ته،
پاڻ رح هن سڀ سان گڏو گڏ قرآن مجيد جو هڪ تمام وڏو نه صرف حافظ هو بلڪه هو علم
تجويد جو ماهر، علم قراءات ۽ علم تفسير جو امام پڻ هو، اچو ته پهريون سندس ڪجھ
ذاتي زندگي متعلق ڄاڻ حاصل ڪريون ۽ ان کان پوءِ سندس تجويدي، قراءاتي ۽ تفسيري
زندگي تي نظر وجهون.
نالو ۽ نسب:
ابو عبد الله محمد عابد بن احمد علي بن محمد مراد بن حافظ محمد يعقوب بن محمود
بن حاجي عبد الرحمن بن عبد الرحيم بن محمد انس بن عبد الله بن محمد جابر بن محمد
خالد بن مالڪ بن ابي عوف بن حسان بن سالم بن اشعث بن ثعلبة بن جنيد بن مقدم بن
شرحبيل بن اشعث بن مت بن سيدنا ابو ايوب الخزرجي الانصاري المدني السنڌي[1].
ذڪر ٿيل سلسلي نسب مطابق 21 واسطن سان پاڻ سيدنا ابو ايوب انصاري رضي الله عنه
سان وڃي ملن ٿا.
پاڻ رح جن کي سنڌي ان ڪري چيو ويندو آهي جو سندن اصل وطن سنڌ هو، جتي سندن
پيدائش ٿي هئي ۽ مدني ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو پاڻ آخر ۾ مديني پاڪ ۾ ئي مستقل رهائش
اختيار ڪئي هئائون ۽ خزرجي انصاري ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو سندن سلسلو نسب جليل
القدر صحابي سيدنا حضرت ابو ايوب (خالد بن زيد بن ڪليب) خزرجي انصاري سان وڃي
ملندو آهي[2]۔
ولادت:
پاڻ رح جن جي ولادت با سعادت هڪ تمام وڏي ديندار ۽ علمي گهراڻي ۽ بر صغير جي
مشهور صوفي بزرگ حضرت (محمد عثمان مروندي) شهباز قلندر رح جي شهر سيهوڻ شريف ۾ سن
1190ھ جي حدود ۾ ٿي[3].
نشات ۽ علوم جي تحصيل:
پاڻ رح جن جو گهراڻو سنڌ ۾ ديني ۽ علمي حوالي سان گهڻو معروف ۽ مشهور هو، سندن
والد شيخ احمد علي رح (1202ھ) تمام وڏو عالم هو[4] ۽ سندن ڏاڏو شيخ محمد مراد انصاري رح (1198ھ) سنڌ ۾ شيخ الاسلام جي نالي سان
مشهور هئا ۽ سنڌ جا تمام وڏا مقرر ۽ خطيب هئا[5] ۽ سندن چاچو شيخ محمد حسين انصاري رح (1211ھ) علمي حوالي سان مرجع الخلائق
هئا، اهڙين ئي شخصيتن جي سايه شفقت ۾ شيخ محمد عابد سنڌي رح پرورش ورتي[6].
شيخ محمد عابد سنڌي رح پاڻ پنهنجي ڏاڏي لاءِ لکن ٿا: العلامة، الفهامة، العالم
الهمام، مفيد الطالبين، وقدوة السالڪين...[7]. تمام وڏو عالم، تمام وڏو معاملن کي سمجهندڙ، بلند پايه علمي شخصيت، طلبه کي
فائدو پهچائيندڙ ۽ سلوڪ جي راھ تي هلندڙ صوفياءِ ڪرام لاءِ امام هئا.
مطلب هي ته پاڻ تمام وڏي علمي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئا،
تنهن ڪري پاڻ سڀئي علمي، اخلاقي، ديني ۽ روحاني وصفون ۽ قدرون پنهنجن وڏن کان ورثي
۾ حاصل ڪري ورتيون هون. ٻالڪپن ۾ ئي پنهنجي والد شيخ احمد علي رح ، ڏاڏي شيخ
الاسلام محمد مراد انصاري ۽ چاچي محمد حسين ۽ ساري خاندان سان گڏ حجاز مقدس جي سفر
تي روانا ٿيا، ڇو ته سندن ڏاڏو حجاز مقدس جي محبت سان سرشار هو، تنهن ڪري جڏهن ان
مڪمل هجرت جو ارادو ڪندي سفر اختيار ڪيو ته سندن ننڍڙو پوٽو محمد عابد پڻ ساڻن گڏ
هو، مڪة المڪرمة ۽ مدينة المنورة جا احڪام پورا ڪرڻ کان بعد پاڻ مستقل طور جدي شهر
۾ رهائش اختيار ڪيائون، جتي حجاز مقدس جي والي محمد علي پاشا جي وزير ريحان رح
سندن علمي مقام کي ڏسندي سندن لاءِ هڪ مسجد ۽ هڪ وڏو رباط (مهمان خانو) ۽ هڪ گهر
ٺهرائي ڏنو، جتي شيخ رح هڪ عظيم لائبريري قائم ڪئي، ان رباط کي شيخ الاسلام عوام
لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
شيخ محمد عابد سنڌي پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي کان ننڍپڻ ۾
ئي علمي استفادو ڪندو رهيو، ايتري تائين جو سندن والد ۽ ڏاڏي جو اتي ئي جدي ۾
انتقال ٿي ويو، ته ان کان پوءِ پنهنجي چاچي ساڻ يمن جو سفر اختيار ڪيائون، ۽ هت
شيخ رح پورا 30 سال ڊگهو قيام فرمايو[8].
استاد:
هونئن ته شيخ رح گهڻن عالمن سڳورن کان استفادو حاصل ڪيو،
کين علمي تحصيل کان ڪا به شيءِ روڪي ڪين سگهندي هئي، ايتري قدر جو پاڻ پوڙهپ ۾ پڻ
استفادو ڪندا رهندا هئا، تنهن ڪري ئي ته علامة ڪتاني رح پنهنجي مشهور ڪتاب (فهرس
الفهارس) ۾ رقمطراز آهن ته: شيخ محمد عابد سنڌي رح عارف بالله شيخ ابو العباس احمد
بن ادريس شافعي کان سن 1233ھ ۾ يمن ۾ علمي تحصيل ڪئي، تنهن وقت شيخ رح جن جي عمر
40 سالن کان مٿي هئي! امام ڪتاني رح فرمائن ٿا ته: اهو سندن علمي وسعت جو دليل آهي
۽ ان ۾ اسان جهڙن لاءِ سبق آهي[9].
مختصر طور تي اسان سندن ڪن استادن جو ذڪر ڪريون ٿا:
1.
شيخ محمد
حسين بن محمد مراد الانصاري سنڌي (سندن چاچو) 1203ھ.
2.
شيخ ابو
العباس احمد بن ادريس الحسني (1172-1253ھ)
3.
شيخ محمد
زمان (دوم) بن محبوب الصمد بن محمد زمان (اول) سنڌي (لواري شريف وارا) 1247ھ.
4.
شيخ حسين
بن علي المغربي (مالڪي مسلڪ جو مڪي پاڪ ۾ مفتي) 1228ھ.
5.
شيخ يوسف
بن محمد بن علاءُ الدين المزجاجي الزبيدي رح (1140-1213ھ).
6.
شيخ عبد
الملڪ بن عبد المنعم القلعي المڪي رح 1228ھ.
7.
شيخ صالح
بن محمد بن نوح بن عبد الله بن عمر العمري رح (1166-1218ھ).
8.
شيخ محمد
طاهر بن محمد سعيد بن محمد سنبل المڪي الحنفي رح 1218ھ.
9.
شيخ محمد
بن علي بن محمد بن عبد الله الشوڪاني الصنعاني رح 1250ھ.
شاگرد:
يمن ۾
رهندي شيخ محمد عابد سنڌي رح يمن جي ڪافي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ تدريسي خدمتون سر انجام
ڏنيون، ان کان علاوه پاڻ رح مديني پاڪ جي عالمن جا صدر هئا، نيز پاڻ رح مسجد نبوي
ﷺ جي اهم استادن منجهان هئا، جن کان عوام ۽ شاگردن جو جهجو تعداد علم پرائيندو هو،
پاڻ رح مسجد نبوي ﷺ جا شيخ الحديث هئا، صحاح ست (حديث جا ڇھ ڪتاب) صرف ڇهن مهينن ۾
مڪمل ڪرائيندا هئا، پاڻ رح حديث شريف ۾ پنهنجي عالي سند تي هن طرح فخر فرمائيندا
هئا: (مون جيان ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته منهنجي ۽ امام بخاري رح جن جي وچ ۾ صرف 9
واسطا آهن)! پاڻ رح جن جي شاگرد جو صحيح طرح ڪاٿو ڪرڻ ته نهايت مشڪل آهي پر تنهن
هوندي اسان پاڻ رح جن جي ڪن مشهور شاگردن جو ذڪر ڪريون ٿا جن جي معلومات تائين
اسان کي رسائي حاصل ٿي سگهي آهي:
1.
شيخ
ابراهيم بن محمد سعيد المڪي الحنفي رح (1204-1290ھ).
2.
شيخ جمال
بن عبد الله بن عمر المڪي رح (مڪي پاڪ جو حنفي مسلڪ جو مفتي) 1284ھ.
3.
شيخ لطف
الله بن احمد بن لطف الله بن احمد الصنعاني رح 1243ھ.
4.
شيخ ابو
محمد علي ارتضى علي خان بن شيخ احمد مجتبى الهندي رح 1270ھ.
5.
شيخ
ابراهيم بن عبد القادر الرياحي رح (1180-1266ھ).
6.
شيخ
علامة حسن الحلواني المدني رح.
7.
شيخ محمد
برهان الحق بن محمد نور الحق الانصاري رح 1286ھ.
8.
شيخ عبد
الرحمن وجيه الدين بن شيخ محمد حسين رح (سندن سؤٽ)
9.
شيخ عليم
الدين بن رفيع الدين العمري القندهاري رح 1316ھ.
10.
شاھ عبد
الغني بن ابو سعيد مجدد دهلوي رح (1235-1296ھ).
11.
شيخ عارف
بالله بن حڪمت الله الترڪي الحنفي رح 1275ھ.
12.
شيخ
داؤود بن سليمان بغدادي شافعي رح (1231-1299ھ) ابن جرجيس نالي سان مشهور هئا.
13.
شيخ شهاب
الدين احمد عارف الله بن حڪمت الله رح (1200-1275ھ).
14.
شيخ اشرف
علي بن سلطان علي الحسني الحيدر آبادي رح.
فڪري وسعت:
شيخ محمد عابد سنڌي رح مذهبي ڪٽر پڻي جي خلاف هئا، پاڻ دليل
جي اتباع ڪندا هئا، فقهي ۽ اجتهادي مسئلن ۾ پاڻ ٻين عالمن ۽ مجتهدن سان ڪٿي ڪٿي
اختلاف ضرور رکندا هئا، پر ان جي باوجود پاڻ سڀني عالمن ۽ مذهبن کي عزت جي نگاھ
سان ڏسندا هئا ۽ ٻين عالمن سان اختلاف ڪرڻ وقت احترام جو دامن هٿان وڃڻ نه ڏيندا
هئا[12].
شيخ محمد عابد سنڌي رح ۽ علوم قرآن:
پاڻ رح جو قرآن مجيد جي وڏن قارين مان شمار ٿيندو آهي، ڇو
ته پاڻ رح نه فقط قرآن مجيد جا حافظ هئا بلڪ قرآن مجيد جي سڀني قراءتن تي عبور
رکندا هئا.
قرآن مجيد جي قراءات تي مهارت رکڻ کان سواءِ پاڻ رح قرآن
مجيد جا بهترين مفسر پڻ هئا، جيتوڻيڪ هن پاسي سان اهڙو مشهور ٿي نه سگهيا، جيترو
فقه ۽ حديث ۾ مشهور ٿيا.
پاڻ رح جو چاچو شيخ محمد حسين انصاري رح علم قراءات ۾ مهارت
رکندڙ تمام وڏو استاد هو.
شيخ محمد عابد سنڌي جو به علم قراءات ۾ سندس چاچو شيخ محمد
حسين انصاري استاد آهي.
پاڻ رح تقريبا پنهنجي ساري زندگي پنهنجي چاچي سان گذاري،
پوءِ اها ننڍپڻ ۾ سنڌ ۾ هجي يا ٻالڪپڻ ۾ جدي شهر ۾ يا ويندي سندس جواني يمن ۾
هوندي تقريبا پنهنجي چاچي سان گذاريائون.
پاڻ رح جي والد صاحب شيخ احمد علي ۽ ڏاڏي شيخ محمد مراد
انصاري جي وفات کان پوءِ پاڻ پنهنجي چاچي سان يمن جو سفر ڪيائون، ان ڪري اڪثر جاين
تي شيخ محمد عابد پنهنجي چاچي جو وڏي ادب ۽ احترام سان نالو کڻندو آهي ۽ مختلف وڏن
القابن سان نوازيندو آهي.
قرآن مجيد الله پاڪ جو اهو ڪتاب آهي جيڪو هر مسلمان پنهنجي
ٻار کي سڀ کان پهرين پڙهائيندو آهي ۽ شيخ محمد عابد سنڌي به پنهنجي تعليم جي
شروعات قرآن مجيد سان ڪئي ۽ ان کان پوءِ علم تجويد ۽ علم قراءات ۽ انهن متعلق
مشهور ڪتاب جهڙوڪ شاطبية وغيره پنهنجي چاچي شيخ محمد حسين وٽ پڙهيون.
شيخ محمد عابد پنهنجي اسانيد جي مشهور ڪتاب (حصر الشارد) ۾
فرمائن ٿا:
الله تعالى پنهنجي فضل سان مون تي اهيو احسان ڪيو آهي جو
مون قرآن مجيد سورة فاتحة کان والناس تائين قراءات جي مشهور ستن امامن جي قراءتن
ساڻ انهن جي 14 ئي راوين جي، انهن جي مشهور طريقن سان، ساڻ قراءات جي معروف منظوم
شاطبية جي بار بار الحمد لله پرهڻ جي سعادت حاصل ڪئي، پنهنجي شيخ، علامة، فهامة، وقت
جي سُونهن ۽ جنهن جي پيروي ڪرڻ گهرجي، علم اديان ۽ علم ابدان جي ماهر، عقلي ۽ نقلي
علمن جي جامع ۽ انهن جي خوبصورت وضاحت ڪندي پنهنجي چاچي جيڪو منهنجي بابي برابر
آهي شيخ محمد حسين بن محمد مراد انصاري خزرجي ايوبي نسبا سنڌي بلدا نقشبندي طريقة
حنفي مذهبا کان حاصل ڪئي، الله تعالى جي مٿن رحمت وسي.
منهنجي شيخ فرمايو ته مون پڙهيو پنهنجي بابي ۽ شيخ محمد
مراد انصاري کان.
انهن فرمايو ته مون پڙهيو فاتحة کان والناس تائين پنهنجي
شيخ امام محمد هاشم بن عبد الغفور بن عبد الرحمن سنڌي کان[13].
علم تفسير ۾ شيخ محمد عابد سنڌي جو مقام:
مٿي اسان ذڪر ڪري آيا آهيون ته شيخ محمد عابد سنڌي قرآن
مجيد جا وڏا مفسر هئا، جيتوڻيڪ هن فن ۾ به سندن شهرت گهٽ ٿي آهي بنسبت فن فقه ۽
حديث جي.
علم تفسير ۾ تفسير بيضاوي شريف جي اهميت ۽ مقام کان هر اهل علم واقف آهي، تفسير بيضاوي ۾
جيڪي علمي نقاط آهن ۽ ان کان سواءِ ان جا مخفي رموز، معاني، بيان ۽ بلاغت ته
پنهنجي جاءِ تي رهي صرف تفسير بيضاوي شريف جو جيڪڏهن ڪو طالب علم متن ئي سمجهي وڃي
اها به وڏي ڳالھ چئبي آهي.
شيخ محمد عابد سنڌي جو مقام ته ڏسو جو پاڻ تفسير بيضاوي
شريف جي انتهائي ڏکي تفسير جو عظيم، مفصل ۽ مطول شرح لکيو آهي، اها ٻي ڳالھ آهي ته
پاڻ رح ان کي مڪمل نه ڪري سگهيا پر جيڪو حصو لکيو اٿن يعني تقريبا 3 سيپارا جيڪو
سورة المائدة تي مشتمل آهي، اهو انتهائي ڪمال جو آهي، تفسير بيضاوي شريف ۾ جيڪي
اشارات آهن پاڻ رح انهن کي کولي بيان ڪيو آهي، هن شرح جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي
ٿي ڇو ته پاڻ رح پنهنجي وفات کان صرف 3 سال پهرين هن ۾ هٿ وڌو، مقصد ته اها عمر
شيخ رح جي انتهائي ميچوئرٽي واري هئي.
تفسير بيضاوي شريف جو اهو حصو شيخ محمد عابد سنڌي رح جي
پنهنجن هٿ اکرن سان مڪتبة محمودية مدينة منورة ۾ 164 جي نمبر سان محفوظ آهي، پر هر
عالم ۽ طالب علم، محقق جي ڏسڻ وٽان آهي.
پاڻ رح ان جي شروعات مديني پاڪ ۾ جمعي جي ڏينهن 17 ذو
القعدة سن 1252ھ تي ڪئي ۽ ان کان فراغت پهرين ذو الحج سن 1254ھ تي ٿي. مخطوط هڪ جلد
تي مشتمل آهي، جنهن جا 434 لوحا يعني 868 صفحا آهن.
وفات:
علم جو هي سمنڊ ۽ فقه حنفي جو بي بدل عالم بالآخر سومر
ڏينهن 13 ربيع الاول سن 1257ھ، مديني پاڪ ۾ ڌڻي در روانو ٿيو ۽ سيدنا عثمان رضي
الله عنه جن جي سامهون جنت البقيع ۾ دفن ٿيو[14]. الله تعالى سندس قبر مبارڪ کي ٿڌو رکي، آمين.
ان سان گڏو گڏ الله تعالى کان هي دعاء پڻ آهي ته شيخ محمد
عابد سنڌي کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ کين جنت الفردوس ۾ درجات بلند فرمائي،
۽ اسان سنڌين کي عقل نصيب فرمائي ته پنهنجن اڪابرن جي نقش قدم تي هلون ۽ انهن جي مخطوطن
جي تراث جيڪو اڄ تائين دنيا جي سامهون اچي نه سگهيو آهي تنهن جي تحقيق ڪري دنيا جي
سامهون آڻيون تان جو دنيا کي خبر پوي ته سنڌي عالم امت تي ايڏو احسان ڪري ويا آهن
۽ ايڏو علمي خزانو ڇڏي ويا آهن جنهن تي هزارين سنڌي پي ايڇ ڊيون ڪري سگهن ٿا ۽ ڪري
رهيا آهن.
حوالا ۽ حاشيا:
[1] : امام شوڪاني، محمد بن علي، البدر
الطالع بمحاسن من بعد القرن السابع: 2/227، دار المعرفة بيروت- الزرڪلي: خير الدين
بن محمود، الاعلام: 6/179، دار العلم للملايين ط1، 2002ع- اللکنوي، عبد الحي بن
فخر الدين، نزهة الخواطر: 7/1096، دار ابن حزم، ط 1، 1999ع.
[2]: السنڌي، محمد عابد، ڪف الاماني عن
سماع الاغاني: ص 1، مخطوط (هن مخطوط تي الحمد لله راقم جي تحقيق جاري آهي) تنهن
کان سواءِ به شيخ سنڌي رح تقريبا پنهنجي هر تصنيف ۾ پنهنجي نالي سان گڏ اهي نسبتون
لڳايون آهن: السندي مولدا المدني توطنا او موطنا الانصاري الخزرجي نسبا... وغيره.
[3]: البدر الطالع: 2/227.
[4]: البدر الطالع 2/227 ۽ السندي، محمد
عابد، تراجم مشايخ محمد عابد: ص 69 مخطوط، اهڙي ريت شيخ سنڌي رح پاڻ گهڻو ڪري پنهنجن
تصنيفن ۾ پنهنجي نالي کان پوءِ پنٿهنجي والد صاحب کي: (الشيخ احمد علي) جي نالي
سان ياد ڪندا آهن.
[5]: اللکنوي، عبد الحي بن فخر الدين،
نزهة الخواطر: 7/1096 ۽ البدر الطالع 2/227.
[6]: السنڌي، محمد عابد، تراجم مشايخ
محمد عابد: ص 69 مخطوط، نزهة الخواطر: 7/1096.
[8]: السنڌي، عبد القيوم بن عبد الغفور، ڊاڪٽر،
مسند الحجاز ورئيس علماء المدينة، الامام محمد عابد السندي الانصاري، ميگزين
الدراسات الاسلامية (عربي) اسلام آباد شمارو 36، مارچ 2001ع، ص 16-18.
[9]: الڪتاني، محمد عبد الحي، فهرس
الفهارس والاثبات والمعاجم والمشيخات، 2/721، 1/364، تحقيق ڊاڪٽر احسان عباس، دار
الغرب الاسلامي، بيروت، ط2، 1982ع.
[10]: بڪداش، سائد، الامام الفقيه المحدث،
الشيخ محمد عابد السندي، ص 192، ۽ ان کان پوءِ جا صفحا، دار البشائر الاسلامية،
بيروت، ط1، 1423ھ.
[11]: السنڌي، عبد القيوم بن عبد الغفور،
ڊاڪٽر مسند الحجاز، ص 22.
[12]: السنڌي، عبد القيوم بن عبد الغفور،
ڊاڪٽر، مسند الحجاز ص 40.
No comments:
Post a Comment